خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 13 جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي مقدر ۾ منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس پڌرائي موجب ايس ايس پي خيرپور جي حڪمن تي پوليس پير جو ڳوٺ، ٻٻرلوءِ، ٽنڊومستي، ڪنب، سيٺارجا، اي سيڪشن، هڱورجا، اڪنامڪ زون، فيض گنج ۽ وڏا ماڇيون ٿاڻن جي حدن ۾ ڪارروايون ڪري 13 جوابدارن ممتاز ڏيپر، اظهر ٻپڙ، محمد زبير شيخ، آصف ميمڻ، اشفاق آريجو، رستم چانڊيو، لکمير ڦلپوٽو، وقار ميتلو، عابد چانگ، صاحب ڏنو ناريجو، حبدار مري، نظير ميمڻ ۽ خادم سومرو کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس، ڀنگ، نشي واريون سوپاريون، سنگل بيرل بندوق، پستول ۽ گوليون هٿ ڪري مٿن ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.