ڪراچي(نمائندن وٽان) مٽياري، واهي پانڌي، ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ، صحت جي سهولتن جي کوٽ  سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ مٽياري ۾ مٽياري عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڄام شوڪت ابڙو . مسلم فنڪشنل اڳواڻ نصير ميمڻ . جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام . رشيد ڏيٿو . ايس يو پي اڳواڻ غلام مصطفيٰ رند جي اڳواڻي ۾ بائو ديرو کان ريلي ڪڍي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته تازين برساتن کان پوءِ مٽياري ضلعو 80 فيصد ٻڏي ويو آھي 90 فيصد فصل تباھ ٿيا آھن سوين گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن. ماڻھو رليف ڪئمپن ۽ روڊن جي پاسن سان بي يارو مددگار ويٺل آھن ۽ اسان جي حڪومت ڪستو کڻي دنيا کان خيرات پنڻ جي پويان لڳل آھي دنيا مان به اربين رپيا مليا آهن پر اھي اربين رپيا روڊن تي ويٺل مسڪينن بجائي بنگلن ۾ ويٺل وڏيرن کي ڏنا پيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي فوري طور ھٽائي ڪنھن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري عوام جي ڏکن جو ازالو ڪيو وڃي. واهي پانڌي اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ، اسٽاف ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شهرين وقار مستوئي، منير برهماڻي ،مولا بخش لغاري جي اڳوڻي ۾ اسپتال جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو جوهي تعلقي سميت ڪاڇي ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي گيسٽرو، ڊائريا، مليريا چمڙي ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آهن روڊ رستا بند آهن مريض ڪيڏانهن وڃي نٿا سگهن مٿان وري پي پي ايڇ آء جي نااهلي سبب ڪاڇي جي مرڪزي شهر واهي پانڌي جي اسپتال ۾ ڪو به ڊاڪٽر مقرر ناهي. ميهڙ جي ڳوٺ ٻنڊو ،ڳوٺ لوھارو ۽ ٻين ڳوٺن جي رھواسين پاران يعقوب سولنگي ، مسمات حوران ، مسمات امتياز خاتون ۽ حسينا بيگم جي اڳواڻي ۾ ميھڙ ۾ ٻيٽو روڊ اٽڪ پمپ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. مظاھرين چيو ته اسين 25 ڏينھن کان ٻيٽو روڊ تي کلي آسمان ھيٺ ويٺا آھيون پر ھن وقت تائين نه اسان کي کاڌ خوراڪ ،پاڻي يا ٽينٽ به نه ٿا ڏنا وڃن اسين بار بار دانھون ڪري ٿڪجي پيا آھيون اسان جي زندگي مفلوج ٿي وئي آھي اسان جا ڪيترائي ٻارڙا توڙي پيرسن ۽ عورتون به فوت ٿي ويون آھن پر ھن وقت تائين ڪا به ڊاڪٽرن جي ٽيم نه پھتي آھي ھنن چيو ته جيسيتائين اسان جي واھر نه ڪئي ويندي اسان احتجاج جاري رھندو.