اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ سوڍل لاشاريءَ ڀرسان معصوم ديدار پٽ عبدالستار لاشاري گهاري ۽ برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو، جنهن کي اڌ ڪلاڪ بعد وارثن ٻاهر ڪڍي بيهوشيءَ واري حالت ۾ ڪرونڊيءَ جي خانگي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي جي پيٽ مان پاڻي ڪڍي سندس حياتي بچائي ورتي. وارثن موجب فيض گنج واهه کي لڳل گهاري جو پاڻي گهرن ۽ زمينن ۾ بيٺل آهي. ان ڪري معصوم ٻار ٻڏڻ جو خطرو هر وقت موجود رهي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪري اسان کي پريشانين کان بچايو وڃي.