مٽياري (رپورٽر) جسقم پاران صحت کاتي مٽياري جي عملدارن خلاف احتجاج ڪيو ويو.ضلعي اڳواڻن رشيد ڏيٿو . سجيل سالاريو . ذوالفقار ڏيٿو . عمير ميمڻ . شھزاد سمون . علي حيدر لاڙائي . توقير ترڪ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ ھو ته تازين برساتن بعد ھر ھنڌ برساتي پاڻي بيھڻ ڪري ڪيئي بيمارين ڪر کنيو آھي وڏي تعداد ۾ ماڻھو مليريا . گيسٽرو . مدي جي بخار ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي زندگي وڃائي رھيا آھن پر افسوس جو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ايمرجنسي جو بورڊ لڳل مٽياري تعلقہ اسپتال ۾ صحت جي ڪا سھولت ناھي اسپتال ۾ نه دوائون آھن نه ڊاڪٽر آھن نه جنريٽر آ نه مريضن کي ڪا سھولت ٿي ملي ڪيئي ڊاڪٽر ويزا تي گھر ويٺل آھن تعلقي اسپتال کي ريفر سينٽر بڻايو ويو آهي ويزا تي ويل ڊاڪٽرن کي فوري طور گھرائي مريضن کي سھولت ڏني وڃي ۽ اسپتال جي بجيٽ جي آڊٽ ڪرائي ڪرپشن ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.