مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ پ پ مخالف اميدوارن  پاران نامزدگي فارمن جا سچا نقل نه ڏيڻ خلاف آر او آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو رات دير تائين جاري هو، قومي عوامي تحريڪ، جماعت اسلامي، جي يو آئي، شهري اتحاد، آزاد اميدوارن پاران آرو آفيس ٻاهران ڌرڻي بعد وڏا پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، قومي عوامي تحريڪ جي شاهنواز ھنگورجو،جماعت اسلامي جي مير محمد بليدي، پي ٽي آءِ جي ڪرشن شرما، جي يو آءِ جي ضلعي امير عزيز الله ساند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ اميدوار ۽ سندن حامي شريڪ هئا. اڳواڻن چيو ته آرو کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جيڪا اميدوارن جي نامينيشن فارمن جا ڊاڪيومينٽ گهريا آهن اهي ڏنا وڃن. پيپلزپارٽي فارم رد ٿيڻ سان خوفزدہ ٿي وئي آهي آر او کي نامينيشن فارم ڏيڻ کان منح ڪرائي آھي.  هنن چيو ته ڊي آر او ۽ آر اوز پ پ پ وارن جا ذاتي ملازم بڻجي ڪم ڪري رهيا آھن.