گهوڙاٻاري (ن پ ا ) پيرپٺي ٿاڻي جي سامھون ڳوٺ ميمون شاھ فقير علي شاھ ۾  گهوڙاٻاري پريس ڪلب جي نائب صدر، سينيئر صحافي، ليکڪ شاھ خالد ڏاتاري جي ڀاءُ سيد ساجد علي شاھ ڏاتاري جي گهر (حويلي) جو اڻ ڄاتل چورن  تقدس پامال ڪري گذريل رات چوري ڪري گهر ۾ پيل سون، موبائيل فون، روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا، جڏهن ته حد جي ٿاڻي پيرپٺو تي اهڙي چوري جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته پوليس اڃان تائين ٻوٽو ٻاري نه سگھي آهي. جڏهن ته وڌندڙ بدامني ۽ وڌندڙ چورين خلاف ڳوٺاڻن ۽  سڃاڻ ڌرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سيد ساجد شاھ جي چوري ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد قانون جي گرفت ۾ آڻي چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.