حيدرآباد / گمبٽ (نمائندن وٽان) حيدرآباد ۾ سنڌ سڀا پاران تنظيم جي  سرواڻ انعام سنڌي جي گرفتاري ۽ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پريس ڪلب سامهون حاڪم لغاري، شبير لغاري، مهراڻ ميراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين ۽ سندن مالڪي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام سنڌي کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو جنهن تي پوليس پاران مختلف ڪوڙا ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن. پر لاڳاپيل فورمن سميت عدالتون به معاملي جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن.  هوڏانهن گمبٽ ۾  سنڌ سڀا جي ڪارڪنن   آزاد عامر سنڌو، امتياز سولنگي، گدا حسين، عابد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.