شاهپورچاڪر/ ڪنري (نمائندن وٽان) درگاهه لنواري شريف واقعي خلاف مريدن  شاهپور چاڪر ۽ ڪنري ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا، شاهپور چاڪر ۾ مريدن نانا جميل ڏاهري، خليفو رحيم بخش ڏاهري، امير بخش ڏاهري، استاد اعجاز عمر ڏاهري، منظور ڏاهري، مير اخلاق ٽالپر، محمود رخشاڻي، عبدالغفور ڏاهري، صوفي صفدر، علي گوهر ڏاهري، ماما هاشم ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، هوڏانهن اي گروپ جي صادق ڪوريجو گروپ خلاف ڪنري ۾ عقيدتمندن گلاب ساند، نمرو، ولي محمد، عبدالعزيز جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، اڳواڻن چيو ته لنواري شريف ۾ ٽي ڏينهن اڳ اي گروپ جي ماڻهن حملو ڪيو، جنهن ۾ اسان جا 30 کان 35 ماڻھو زخمي ٿيا، جن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ وياسين ته پوليس انهن جي ونگار وهندي الٽو اسان جي ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته زخمين مٿان داخل ايف آءِ آر ختم ڪري حملو ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن.