مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ سنڌي هاري ڪميٽي پاران هارين جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي حقن لاءِ  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي تي اڳواڻن  ڪامريڊ امداد قاضي، ڪامريڊ ڏامرومل، ڪامريڊ اقبال،   ڪامريڊ ديال، ڪامريڊ ڏامون، ڪامريڊ آتم ۽ ٻين چيو ته ضلعي ٿرپارڪر ۾ سنڌ جي سونهن ۽ قومي ورثي ڪارونجهر سميت وڻن خاص طور ڪونڀي جي ڍاڻي ۾ ڪونڀٽن جي غيرقانوني ڪٽائي کي روڪي، 60 ڪونڀٽن جي ڪٽائي ڪندڙ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي، ٿر ۾ لٿل فصل جو اگھه، گوار 7000 رپيا، ٻاجهر 4000 رپيا، مڱ 8000 رپيا، تر 12000 رپيا، موٺ 6000 رپيا ۽ ڪريون 8000 رپيا في مڻ مقرر ڪري هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي قرضدار بڻجڻ کان بچايو وڃي، اڳواڻن چيو ته  ٿر جي غريب ماروئڙن سان علائقي جي بااثر وڏيرن طرفان ٿيندڙ زيادتين کي روڪي ملڪ جي ٻين شهرين جي برابر باعزت ۽ بي خوف زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.