شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ مير محمد نظاماڻي مان اغوا ڄاڻايل ناري سنيتا ڪولهي مسلمان ٿي شوڪت شيخ سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي. ناري جي ڀاء چيتن ڪولهي شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي شوڪت شيخ تي ڀيڻ کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو. پوليس ناري ۽ شوڪت شيخ کي تحويل ۾ وٺي ٽنڊو محمد خان جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي سنيتا بيان ڏنو ته هن کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو هن مسلمان ٿي شوڪت شيخ سان شادي ڪئي آهي. جنهن بعد عدالت ناري کي مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏيندي پوليس کي جوڙي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.