ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ۾ شاعره پروين شاڪر جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي ساڃاهه وندن چيو ته  پروين شاڪر ترقي پسند لبرل ۽ عورت جي نفيس جذبن ۽ احساسن جي نمائنده شاعره ھئي جڏهن ته ھن وقت ترقي پسند، لبرل ۽ صوفياڻي سوچ ۽ فڪر جي پيروڪارن کي شديد خطرا لاحق آھن. ان لاءِ ضروري آھي ته پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتحاد ڪري ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي قيام ۽ ملڪي اڪائين جي حقن لاءِ جدوجھد تيز ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ سنڌ ڪلچرل فورم سنڌ جي باني چيئرمين صادق لاکو ۽ ٻين  پريس ڪلب  ٺٽي ۾ سنڌ ڪلچرل فورم طرفان  بيباڪ شاعره پروين شاڪر جي 70 هين سالگره جي ڪيڪ ڪٽڻ واري تقريب ۾ پروين شاڪر کي ڀيٽا  پيش ڪئي. ھن وڌيڪ چيو  ته پروين شاڪر عورت ھوندي به مرد ليکڪن کان وڌيڪ بھادر ھوندي ھئي ھن ضيائي آمريت واري گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول۾ به پنھنجي سوچن ۽ خيالن  جو برملا اظھار ڪيو،پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکروچيو ته پروين شاڪرخوبصورت ۽ نفيس خيالن خاص ڪري عورتن جي نفيس جذبن ۽ احساسن جي نمائنده شاعره هئي جيڪا وقت کان اڳ ۾ اسان کان وڇڙي وئي نه ته اڃان وڌيڪ بھترين شاعري ڏئي ها جڏهن ته سالگره تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلع ٺٽي جي رابطا سيڪريٽري فقير اڪرم مڱڻهار، طارق امر، صاحبڏنو سمون، وھاب شيخ، اسماعيل ميمڻ، خدا بخش بروھي، رحمت اللہ ڇٽو،  حيدر شورو، ٻين  چيو ت پروين شاڪر  جي شاعريءَ ان موقعي تي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.