ٺٽو ( رپورٽر ) ڪوهستان عوامي اتحاد پاران جنگشاهي ۾ ڪوهستان واسين ڪوهستان ۾ ونڊ پاورمنصوبن سميت ڪي فور ميگا منصوبي ۾ بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيڻ ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ جنگشاهي ۾ شهر کان جنگشاهي مڪلي روڊ تي عورتن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي وڪيل راڻي امجد پليجو ، حاڪم بروهي ، پير غلام حسين شاھ ، ڪامريڊ شفيق احمد جوکيو ۽ ٻين جو خطاب ڪندي چيو ته ڪوهستان ۽ ڪوهستان واسين سان هر دور ۾ ناانصافي ٿيندي رهي آهي ايستائين جو ڪوهستان جي زمينن تي قبضا ڪري انهن تي ونڊ پاور سميت وڏي پئماني تي ميگا منصوبا قائم ڪيا ويا آهن پر ڪوهستان واسين کي ڪو به لاڀ ناهي ملي سگھيو هنن چيو ته ڪوهستاني پٽي ۾40 کان مٿي ونڊ پاور ۽ ڪي فور جهڙا منصوبا ضرور آهي پر انهن ۾ هتان جي بيورزگار نوجوانن کي نظر انداز ڪري انهن جي جاين تي 90 سيڪڙو غير مقامين کي روزگار ڏنو ويو آهي جنهنڪري ڪوهستان واسين ۾ سخت مايوسيءَ واري لهر ڇانيل آهي . ڪوهستان ۾ قائم ونڊ پارو ۽ ميگا منصوبي ڪي فور ۾ هتان جي بيروزگار نوجوانن کي اوليت جي بنياد تي روزگار مهيا ڪرڻ سان گڏ ڪوهستاني ڳوٺن ۾ سي ايس آر جي فنڊ ذريعي پيئن جي پاڻي سان گڏ تعليم ، صحت سميت ٻيون گھربل انساني زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري ڏنيون وڃن.