مٺي (رپورٽر) مٺي سول اسپتال ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ٻن ڏينهن کان بند هجڻ خلاف مريضن جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال جي مک دروازي تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اسپتال اندر داخل مريضن جي وارثن پنهون ڀيل ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال مٺي ۾ 2 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند ڪئي ويئي آھي جنهن ڪري مريض ۽ مريضن سان گڌ آيل سندن وارث اڃ وگهي تڙپي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ پاڻيءَ جو ترت انتظام ڪيو وڃي.