مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺيءَ ڀرسان دل ۽ سميجا برادريءَ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، زخمين جي اسپتال پهچڻ بعد اسپتال اندر ٻيهر جهيڙو ۽ فائرنگ، 15 ڄڻا زخمي، 2 ڄڻا گرفتار. خبر موجب مٺيءَ ڀرسان ڳوٺ دلن جو تڙ ۾ سميجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي پراڻي هلندڙ تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو . جهيڙي دوران ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مٺي سول آندو ويو، جتي ڌرين وچ ۾ ٻيهر جهيڙو ۽ فائرنگ شروع ٿي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ دل برادري جا وڌيڪ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ اسپتال اندر داخل عام مريضن ۾ دانهون پئجي ويون. ڊاڪٽرن توڙي عام مريضن سان گڌ آيل وارثن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي. جڏھن ته پوليس جي موجودگيءَ ۾ فائرنگ ٿيندي رهي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي. اهڙي صورتحال بعد دل برادري جا سوين ماڻهو اسپتال ٻاهران جهيڙي لاءُ گڏ ٿي ويا ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويئي. امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مٺي ۽ اسلام ڪوٽ سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي نفري سميت طلب ڪيو ويو. پوليس فائرنگ ۽ جهيڙي جي الزام هيٺ سميجا برادري جي 2 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو پر سندن گرفتاري ظاهر نه ڪئي، نه وري جهيڙي۽ فائرنگ واري واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو هو. زخمين ۾ حاجي درياخان سميجو، سومار، عظيم، اسماعيل، لال سميجو، مصري دل، عبدالرشيد دل، سبحان دل، يوسف، جيئندو، خالد دل، موسي، مبارڪ ۽ ٻيا شامل آھن، 5 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي.