سيوهڻ : سوشل ميڊيا فيم محمد نواز سيوھاڻي پڻ پنهنجي امڙ مسمات زينب ملاح سان گڏ سيوھڻ پريس ڪلب پھچي سندس والد اڪبر ملاح پاران مٿس لڳايل تشدد وارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. جوابي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مون پنهنجي پيءُ تي ڪو به تشدد نه ڪيو آهي پر ان باوجود مان پنهنجي دوستن جي چوڻ تي سندس در تي معافي وٺڻ لاءِ پھتس ته ھنن منھنجي مٿان تشدد ڪيو ۽ ھاڻ وري الزام به منھنجي مٿان ھنيو آھي. هن چيو ته آئون ڪيترن سالن کان ڊپريشن جو مريض آھيان ۽ 2016 کان ھن وقت تائين دوائون واپرائي رھيو آھيان ۽ منھنجو دماغ ٺيڪ ناھي. ھن ايس ايس پي ڄامشورو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته منهنجي مٿان لڳايل ڪوڙي الزام جي جاچ ڪرائي ٻنھي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.