ڇاڇرو (ن پ ا) ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڏيڏهار جو نوجوان ارڙيءَ وگهي فوت ٿي ويو. خبر موجب ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڏيڏهار جو 30 ورهين جو نوجوان اصغر پٽ مراد نهڙي ارڙِيءَ جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهڻ بعد گذريل هڪ هفتي کان اسپتال داخل هو. وارثن جي چوڻ مطابق نوجوان جو علاج جاري هو پر گذريل ڏينهن طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس ايمرجنسي ۾ علاج لاءِ ڇاڇرو اسپتال کڻائي اچي رهيا هئاسين ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. تعلقي اسپتال ۾ ڊيوٽيءَ تي موجود ڊاڪٽرن پڻ نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اسپتال انتظامي پاران ايمبولينس نه ڏني وئي، جنهن ڪري غريب والدين نوجوان جو لاش ٽيڪسي ۾ کڻائي ڏيڏهار روانا ٿي ويا. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.