سنڌڙي (رپورٽ: اسد شر) سامارو موري ڀرسان ڳوٺ کينگي شر ۾ ارڙي وگھي هڪ سال جي ٻارڙي ارم شر فوت ٿي وئي، ساڳئي ڳوٺ ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 3 ٿي ويو، 15 کان مٿي ٻار ارڙي ۾ مبتلا ٽيمون نه پھتيون، فوتين ۾ ھڪ سال جي ارم شر، ھفتي اندر ھڪ سال جو علي گل شر ۽ 12 سالن جي ببلي شر فوت ٿي چڪا آھن. جڏھن ته نازيه، 10 سالن جي جيڏل، 16 ورھين جي سلمه، 16 سالن جي اپيه، 7 سالن جي حفظه،17 سالن جي سلمه، 8 سالن جو عثمان، 12 سالن جي رابعه، 3 سالن جي حاجره سميت ٻيا ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، گڏيل طور تي سنڌڙي تعلقي ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آھي، ڳوٺ کينگي شر ۽ کيتو ڀيو ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 4 ٿي ويو ۽ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. متاثر ڳوٺن ۾ ويڪسين ڪرڻ لاءِ ٽيمون ناھن پھتيون، ڳوٺاڻن دلبر شر دانھيندي چيو ته اسانجي ڳوٺن ۾ پوليو کان سواءِ ٻين بيمارين جون ٽيمون ويڪسين ڪرڻ نٿيون اچن. ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي ڊي ايچ او ميرپورخاص مشتاق شاهه ٻڌايو ته وبائي بيماريون جام ٿي ويون آھن جن ٻارڙن ۾ ارڙي واريون علامتون آھن انھن کي وارث ويجھو اي پي آءِ سينٽر تان ٽيسٽ ڪرائين جيڪڏھن تصديق ٿي ته ٽيمون موڪلينداسين.