نوشهروفيروز (رپورٽر) سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر ڪاشف مصطفيٰ ميمڻ چيو آهي ته  گذريل بلدياتي دور ۾ شھر جا مسئلا حل نه ٿي سگھيا، جنھن ڪري شھر مسئلن جي ور چڙھيل آھي. ھن چيو ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾  آئون ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 2 تان اميدوار آھيان ۽ ڪامياب ٿي شھرين جي خدمت جاري رکندس. اهڙو اظهار هن پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.