مقصودورند  (ن پ ا) مقصودو رند ۾ الحسيني پينل سرگرم، رند برادري حمايت  ڪري ڇڏي . ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن الحسيني پينل اڳوڻي ڪائونسلر ۽ علائقي جي معزز سياسي سماجي  شخصيت   محمد شريف رند جي رهائشگاهه  تي پهچي ويو جتي الحسيني پئنل  يوسي لنڊو  جي وائيس چيئرمين جي اميدوار دلبر خان رند، مير غلام الله رند،  مجاهد محمد حنيف رند  ۽ ٻين  سان سندس گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي ڪائونسلر شريف رند چيو  ته  نوجوان قيادت تي مشتمل آزاد الحسيني پينل جي چيئرمن توڙي الحسيني جي سمورن  ڪائونسلر اميدوارن جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪريون ٿا. الحسيني پئنل يوسي لنڊو جي وائيس چيئرمين دلبر رند چيو ته يوسي اندر الحسيني پئنل جي ڪاميابي يقيني آهي ڇاڪاڻ جو الحسيني پئنل جي اميدوارن ۾ اڪثريت نوجوان قيادت جي آهي جيڪي عوام جي خدمت جو جذبو رکن ٿا.