ميھڙ (ن پ ا) 2 ڏينھن اڳ ميھڙ ڀرسان فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوجھرو ميرواڻي ڀرسان ٻوڏ جي پاڻي مان ھٿ آيل نامعلوم  لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، پوليس لاش  تعلقي اسپتال جي مردہ خاني رکرائي ڇڏيو آهي،  ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب ته  لاش پراڻو ھجڻ سبب ڳري ويو آھي، لاش جا ھٿ پير جانور پٽي ويا آھن، پوليس ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري ڏئي ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو.