ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻن پاران آپگھات جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڳوٺ خداداد کوسو جو رھواسي 35 سالن جي نوجوان حسين علي کوسو گھرو پريشانين سبب ڪاري ميندي پئي خود ڪشي جي ڪوشش ڪئي جنھن کي بروقت تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو جتي نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي ميھڙ جي سينڌل مھيسر پاڙي جي رھواسي ان جي واپاري عبدالرسول پنھور جي پٽ 30 سالن جي نوجوان ذيشان پنھور گھر وارن کان ناراض ٿي گهر ۾ پيل زرعي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي جنھن کي تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي لاش گھر پھچڻ تي گهر۾ ڪھرام مچي ويو ھوڏانھن معلوم ٿيو آھي تہ نوجوان نشي جو عادي ھو ۽ صبح سان پي ء سان ناراض ٿي زرعي زھريلي دوا پي پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آھي