راڻيپور/ٺاروشاهه (نمائندن وٽان) راڻيپور ڀرسان قومي شاهراھ تي باب سچل گيٽ سامهون تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب فوجي جوان سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، موٽرسائيڪل سوار پيرڳوٺ کان ٺارو شاھ لڳ پنهنجي ڳوٺ ڀرٽي وڃي رهيا هئا ته تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر سبب فوجي نوجوان عبدالواحد پنھور ۽ شعيب پنھور ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته 60 سال جو الھوسايو پنھور شديد زخمي ٿي پيو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس اھلڪارن پھچي فوتين ۽ زخمي کي راڻيپور جي سرڪاري اسپتال پھچايو، پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمي ٿيل الهوسايو پنهور جي حالت خراب هجڻ سبب گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ٽرالر ڊرائيور عظمت الله کي گرفتار ڪري ورتو.