ٺل (ن پ ا) ٺل جي کبڙ موڙ لڳ 6 مهينا اڳ واپاري معشوق علي پنهور کان ٿيل ڦر واري معاملي جو جرڳو ڪراچي ۾ پنهور هائوس تي منظور پهنور جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ محسن سرڪي، آفتاب مهر، غلام سرور سرڪي، غلام قادر سرڪي، وزير لاشاري، ڪريم ڏنو جتوئي، حاجي عبدالرشيد ۽ بين شرڪت ڪئي، جرڳي ۾ معشوق پهنور ۽ علي شير مهر جون ڳالهيون ٻڌيون ويون، جنهن بعد علي شير مهر مٿان ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 21 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڏنڊ جي رقم مان 50 هزار ٿڏي تي ادا ڪيا ويا، جڏهن ته باقي رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. نبيري بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.