ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ پير ڪلو جي رهواسي دلبر جوڳي ٺري ميرواھ ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته سيف الدين پٽ بلو ڀٽي محمد علي انصاري جي سيلون تي گهرائي شھپر ڪوڙي منهنجي تذليل ڪئي. پوليس جو چوڻ آھي ته اين سي درج ڪرائيندڙ عادي نشئي آھي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آھيون حقيقتون ڄاڻڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.