ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ۾ 8 مھينا اڳ جوابدارن پاران اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي بعد بي دردي سان قتل ٿيل نينگر ساحل گانگھرو جي ڪيس ۾ نوشھروفيروز جي دھشتگردي انت واري عدالت پاران ٻن جوابدارن شيراز ابڙو ۽ رشيد ڏھر کي عمر قيد ۽ 4 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جڏھن ته 8 مھينا اڳ 12 اپريل 2022 تي نائين ڪلاس جي شاگرد ساحل گھانگھرو کي ٻنھي جوابدارن ويجھا عزيز ھجڻ ڪري ڌوڪي سان ھوٽل تي گھرائي کيس اغوا ڪري خيرپورناٿن شاھ ۾ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس بي دردي سان قتل ڪري ميھڙ ڀرسان لاش اڇلائي ڇڏيو ھو، جنھن جو لاش ملوث جوابدارن جي نشاندهي تي ھڪ ڏينھن بعد ميھڙ انڊس ھاء وي لڳ ٽي وي ڪارا کوسا جي ڳوٺ ڀرسان ھٿ آيو ھو. وارثن پاران ٻن جوابدارن شيراز ابڙو ۽ رشيد ڏھر سان گڏ سھولتڪاري اوطاق ۽ اوطاق جي چاٻي ڏيندڙن سميت 4 جوابدارن خلاف دھشتگردي ائڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرايو ھيو جنھن جو ڪيس عدالت ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ سھولتڪاري جي الزام ھيٺ آيل اوطاق مالڪ ۽ واقعي دوران اوطاق جي چاٻي حوالي ڪندڙن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي جڏھن تہ عمر قيد جي سزا آيل جوابدارن کي جيل حوالي ڪيو ويو آھي.