لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو ) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي سنڌ سان درد جو رشتو جي عنوان هيٺ آءِ بي کهڙو  اڪيڊمي پاران ايڪتا جي مناسبت سان رنگارنگي تقريب ڪوٺائي وئي، جتي کاڌي پيتي جي اسٽالن سان گڏ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ثقافتي اسٽال لڳائي آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍايا ويا.  شاگردن راحيل، ساگر، محمد طاحا، سعيد احمد، شاگردياڻين قرت العين، صبا، دعا ۽ ٻين پنهنجي جوشيلي انداز ۾ سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪندي تقريرون ڪري سنڌ سان درد جو رشتي جو عزم ورجائي ايڪتا عيد جي باني محترم علي قاضي جا ٿورا مڃيا، جڏهن ته اسڪولي ٻارن سنڌ جي ثقافت، نياڻين جي تعليم، مهمان نوازي، وڻج واپار، ٻوڏ متاثرن جي اهنجن، زراعت سميت ٻين موضوعن تي ٽيبلوز پيش ڪري جهمريون هنيون.  تقريب جي پڄاڻيءَ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي هوجمالو گيت تي جمهريون هڻي 4 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو عزم ورجايو.هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو جي شاگردن ڪارن کي اجرڪن سان سجائي دُهل شرنائن سان اوٺا چوڪ کان ريلي ڪڍي جيڪا سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس پهتي جتي شاگردن هٿ هٿ ۾ ڏئي انساني هٿن جي زنجير ٺاهي ۽ هو جمالو ڳائي جمهريون هنيون بعد ۾ ڪئمپس جي لان تي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ مهمانن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ۽ سنڌي ويس وڳا پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ تلاوت جو شرف شاگردياڻي سائره ۽ نعت شريف جو شرف آفتاب حسين حاصل ڪيو بعد ۾ قومي ترانو وڄايو ويو. جڏهن ته گهوٽ ڪنوار جي علامتي شادي جو خاڪو پيش ڪري ٽهڪڙا وکيري ڇڏيا. خاڪي ۾ بينظير هڪڙو، انمول لاشاري، قدوس ورک، عبدالله تونيو، ياسين ميمڻ ۽ ٻين پرفارم ڪري خوب داد وصول ڪيو. بينظير ۽ انوشا جي گروپ “پيرين پوندين سان، چوندي سان رهي وڃ رات ڀنڀور ۾” نئين انداز سان ڳائي داد ماڻيو. حنا ۽ ان جي گروپ مومل راڻي جو قصو ٻڌائي گيت پيش ڪيو. شاگردياڻي ارم استاد بخاري جي شاعري ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. ناليواري شاعر وشال پنهنجي شاعري ٻڌائي واهه ڪرائي ڇڏي. تقريب جي پڄاڻي تي موسيقي جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن سُرن جي ورکا ڪري هال ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.ٻئي طرف يار محمد ڪالوني جي خانگي عظيم پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ منعقد ايڪتا تقريب ۾ استادن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ سندن والدين سنڌي ويس وڳا پائي شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شاگردياڻين ڪوثر، لاريب چانڊيو ۽ ٻين سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت بابت پنهنجي جوشيلي انداز ۾ تقريرون ڪيون. جڏهن ته شاگردن  خوشبو، افسا، صبا، عائشه، سونيا، ساگر ۽ ٻين سنڌي لوڪ گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري جمهريون هڻي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.