ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾لوڊشيڊنگ ۽ ھڪ مھيني کان ٽرانسفارمر نه ڏيڻ خلاف دڪاندارن ۽ شھرين عزيز چنو، صداقت جتوئي، عمر کوسو، رستم سرگاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ راڌڻ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو، مظاھرين ۽ مسافرن ۾ چڪريون پڻ ٿيون.  ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته واپڊا وارا مھيني کان راڌڻ اسٽاپ وارو ٽرانسفارمر لاھي ويا آھن رشوت ڏيڻ باوجود ٽرانسفارمر نه ٿا ھڻي ڏين، ھنن چيو ته ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري آزار ڪيو ويو آھي ۽ واڌو بل ھڻي شھرين کي پريشان ڪري رھيا آھن.