ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ويجھو ڳوٺ ڪاراڻي ۾ رٽائر استاد محمد نواز ٻگهيو جي گھر مان چوري ڪندي 3 چورن کي گھر ڀاتين سوگھو ڪري وڌو، 2 فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پڪڙيل ٽن چورن ۾ عامر علي، شهباز ڏهر ۽ احمد شامل آهن. ان سلسلي ۾ استاد محمد نواز ٻگهيو جو چوڻ آهي ته رات جو 2 وڳي پنج چور گھر ۾ داخل ٿي گھر اندر پيل روڪ 2 لک رپيا ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي رهيا هئا ته اسان جاڳي پياسين ۽ چوري ڪندڙ پنجن چورن مان ٽن چورن کي پڪڙي فتع پور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ 2 چور روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا آهن. هوڏانهن فتع پور پوليس جو چوڻ آهي ته چوري جي واقعي جو اطلاع رات جو 2 وڳي ڏنو ويو جنهن بعد فورن ئي واقعي واري هنڌ پهچي چورن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ورتو آهي، گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ فرار ٿيل جوابدارن خلاف مختلف جڳهن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون جلد کين گرفتار ڪيو ويندو.