ميهڙ / خيرپور ناٿن شاهه (نمائندا) ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثر روڊن تي نڪري آيا، جن ڌرڻو هڻي امتياز شيخ جي پٽ کي روڪي ورتو. ان ڏس ۾ قاضي عارف، ٿڦڻ ، فقير محمد پيرزادو، ڳوٺ ڄام جوڳرو، ڳوٺ ولي محمد پنھور ، صوبدار پنجابي، سھاڳ،ٻاڙيا پنھور، آڍاڻي، احمد خان چانڊيو،کوندي جي ڳوٺاڻن يعقوب مھيسر،لياقت ڪمانگر،وڏيرو سرفراز مھيسر،رائيس ملز ايسوسيئشن ۽ شھري اتحاد ميھڙ جي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو ، علي گل ڀٽي، شمس الدين چانڊيو،امداد جوڳرو ،محمد جوڳرو،رمضان سوڍر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري  ميھڙ انڊس ھاء وي تي تي  اٽڪ پمپ وٽ ڌرڻو ھنيو ، مظاھرين ھاء وي تي ٽائر ساڙي رڪاوٽون رکي روڊ جي ٻنھي پاسن کي بند ڪيو. هنن دانهيو تہ ٻوڏ ۽ برساتن سبب اسان جي ڳوٺن ۾ وڏي تباھي ٿي اسان جا گھر ۽ چوپايو مال لڙھي ويو فصل تباه ٿي ويو آھي ڪيتريون ئي جانيون اجل جو شڪار ٿيون آھن پر ھن وقت تائين چونڊيل نمائندا توڙي علائقي جا وڏيرا ۽ انتظاميه اسان وٽ لڙي نه آيا آھن اسان کي نه راشن ڏنو ويو آھي ۽ نہ وري ٽينٽ ڏنا ويا آھن سردي جي موسم ۾ اسان کلي آسمان ھيٺ ويٺا آھيون ھنن اسان کي ھٿ وٺي ڀت سان لڳايو ويو آھي ۽ ھن وقت تائين اسان جي ڳوٺن جي سروي به مڪمل نه ڪرائي وئي آھي جيڪو سراسر ظلم آھي. خدا جي واسطي اسان مسڪين ماروئڙن جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير توانائي امتياز علي شيخ جو پٽ فراز علي شيخ جي گاڏي کي مظاھرين روڪي ورتو ٻوڏ متاثرين جي واھر نہ ٿيڻ خلاف صوبائي وزير جي پٽ جي گاڏي اڳيان سخت نعريبازي ڪئي وئي. فراز شيخ جي مداخلت تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ محسن علي شيخ ، مختيارڪار ميھڙ نبي بخش سولنگي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ٻن ڏينھن اندر متاثرين جي سروي ڪرائي واھر ڪرائڻ جي يقين ڌياني بعد ڌرڻو ختم ڪرايو. ٻئي پاسي خيرپورناٿن شاه تعلقي جي يونين ڪائونسل ٻگھيا ۽ يونين ڪائونسل ٿلھو جي ٻوڏ متاثرن جو ڳوٺن مراد کوسو، ڳوٺ صاحب کوسو ، محبوب کوسو، آچر کوسو، گلڻ لانڊر, قومي چارو، يوسف کوسو،  سميت ٻين ڳوٺن جي رهواسين ذوالفقار چانڊيو ، پٺاڻ کوسو، حبدار کوسو، حاجي موسا لانڊر جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ فتح پور سامھون انڊس ھاء وي تي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي سبب انڊس ھاء وي تي ھلندڙ گاڏيون بيھي ويون، ڳوٺاڻن چيو ته ٻوڏ کي ٽي مهينا ٿي ويا آھن پر انتظاميا ھيئنر تائين ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگھيا آھن ھيئنر به ڳوٺن ۾ ٽي کان چار فوٽ پاڻي بيٺل آھي جنھن ڪري اسان جا گھر ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آھن مسلسل پاڻي بيھڻ ڪري اسان جا گھر مڪمل طور ڊھي پٽ ٿي ويون آهن اسان جا ٻچا سردي ۾  ولھ تي کليل آسمان هيٺ ويھڻ تي مجبور آهن. ھن مھل تائين ھنن يونين ڪاؤنسلن ۾ ڪا به اين جي اوز نه آئي آھي جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي ۽ ظلم آھي ھنن چيوته جيسيتائين ڊي سي دادو ڌرڻي ۾ اچي اسان سان ڳالھيون نه ڪندو تيسيتائين ڌرڻو جاري رهندو، بعد ۾ ڊي ايس پي خيرپورناٿن شاه محمد يونس رودناڻي پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون.