نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئين ديري ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ ککراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ  تڪرار ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي اچي وئي، قربان ککراڻي ۽ نظام ککراڻي جي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي.گولي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو علي دوست ککراڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو، اطلاع تي پوليس لاش کڻائڻ پهتي ته ڌرين ٻيهر هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، پوليس بيوس نظر آئي. پوليس ڌرين کي منٿون ڪندي رهي، علي دوست ککراڻي جو لاش چئن ڪلاڪن تائين پيل رهيو.پوليس لاش کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نسيم ککراڻي ٻڌايو ته صبح سوير مخالف ڌر حملو ڪري علي دوست ککراڻيءَ کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. نظام واري ڌر جو دادن قتل ٿيو هو، ان جو الزام قربان واري ڌر مٿان لڳايو ويو هو. ايس ايچ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان پيش آيو. ياد رهي ته ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان هڪ عورت سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.