ٺاروشاھ (ن پ ا) 3 مهينا اڳ ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ مٺو سيال واسي راشد سيال ۽ شبيران سيال نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پسند شادي ڪئي هئي، جنهن بعد نوجوان راشد سيال جي گهر مٿان جوابدارن حملو ڪري  نوجوان ڀيڻ رضوانا سيال کي اغوا ڪري مزاحمت تي سندس ساگر سيال کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو  ويو، ٻي طرف  پلاند ۾ اغوا ٿيل رضوان سيال جي امڙ ۽ پيءُ  غلام شبير سيال ۽ ٻين پاران ٿاڻي اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته  اسانجي نوجوان ڳوٺ جي ناري سان نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پسند شادي ڪئي، جنهن تان ناري جي وارثن هٿيارن سان حملو ڪري اسانجي نوجوان نياڻي اغوا ڪري سندس ڀاءُ کي گوليون هڻي زخمي ڪيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، هوڏانهن   ڌرڻي بعد   ٺاروشاھ ٿاڻي تي 10 ڄڻن تي اغوا ۽ حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.