دادو (رپورٽر) ميهڙ ۽ ڪي اين شاھ جو ايم اين اي عرفان احمد لغاري ڪي اين شاھ جي ٻوڏ تباھ ڪارين کان بي خبر، يوم تاسيس جلسي دوران ايم اين اي خطاب ۾ بار بار چوندو رهيو ته 2008 جي ٻوڏ کان هي ٻوڏ وڌيڪ وڏي هئي، پنڊال مان ماڻهون رڙيون ڪندا رهيا ته 2008 ۾ ٻوڏ نه آئي هئي، 2010 ۾ آئي هئي پر ايم اين اي بار بار چوندو رهيو ته هي ٻوڏ 2008 کان به وڏي هئي.