سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان عدالتي حڪم تي ڳوٺ خالي ڪرائڻ آيل پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ منهن ماري، چڪريون، عورتن لٺيون کڻي رستا بند ڪري ڇڏيا، بنا ڪارروائي جي واپس، خبر موجب عدالت جي حڪم تي سنڌو درياهه جي ڪپ تي 200 گهرن تي ٻڌل ڳوٺ الھداد چانڊيو خالي ڪرائڻ لاءِ اي سي سڪرنڊ نظير احمد ابڙو جي اڳواڻي ۾ ضلعي نوابشاهه جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ليڊيز اهلڪارن سميت پهتي ته ڳوٺاڻا ۽ پوليس آمھون سامھون ٿي ويا ۽ چڪريون ٿيون، ڳوٺاڻن سخت مزاحمت ڪئي ۽ عورتون لٺيون کڻي داخلي رستن تي بيهي رهيون، جن پوليس کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو، اهڙي صورتحال سبب سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي، جنهن بعد پوليس بنا ڪارروائي جي واپس موٽي وئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد صالح، راھب، نظير، منظور چانڊيو ۽ ٻين احتجاج  ڪندي چيو ته اسان غريب آهيون، پ پ جو بااثر وڏيرو نظر محمد انڙ ۽ اڳوڻو ضلعي ڪائونسل ميمبر غلام مصطفيٰ انڙ ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هنن چيو ته وڏي عرصي کان ھن ڳوٺ ۾رھون ٿا، اسان جي گھرن تي روزانو حملا ڪيا پيا وڃن، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته هو سئو سالن کان هتي رهن ٿا، بااثر زميندار ڳوٺ جي سرڪاري زمين کڻت ڪري بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو، اسان کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار بااثر وڏيرا ھوندا، غلام مصطفيٰ انڙ ٻڌايو ته زمين اسان خريد ڪئي آهي، کاتو اسان جي نالي تي آهي پر ڳوٺاڻا گھر خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر نظير ابڙو، مختيارڪار شوڪت ۽ ڊي ايس پي سڪرنڊ اظھر سمون چيو ته اسان کي ڪورٽ جي حڪم مطابق ڳوٺ خالي ڪرائڻو آهي، جنهن تحت هتي آياسين پر ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي، واضح رهي ته مقامي زميندار قاسم انڙ پاران عدالت ۾ دعويٰ داخل ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل ڳوٺ سندس جي زمين تي قائم ٿيل آھي، جنھن کي خالي ڪرائي زمين ڇڏرائي ڏني وڃي، جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪئي.