ڪراچي (نمائندن وٽان) پ پ جو 55هون يوم تاسيس، مختلف شهرن ۾ تقريبون، جلسا، ڪيڪ ڪاٽيا ويا، پ پ ش ڀ پاران ڌار تقريبون منعقد ڪيون ويون، خبر موجب حيدرآباد ۾ پ پ جو ريڊيو پاڪستان سامهون جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سينيٽر مولابخش چانڊيو، طارق شاهه ڄاموٽ، عبدالجبار خان، صنم ٽالپر، ڪاشف شورو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سکر ۾ پ پ جي يوم تاسيس جي تقريب اويس قادر شاهه هائوس تي ٿي، جنھن ۾ ڪميل حيدر شاهه، ارسلان شيخ، ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ ٻين شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ پ پ جي 55 هين يوم تاسيس جي موقعي تي جلسو ٿيو، جنهن کي خورشيد جوڻيجو، جميل سومرو، نصيبه چنا ۽ ٻين خطاب ڪيو، نوابشاهه ۾ يوم تاسيس جي تقريب ۾ ضياءُ الحسن لنجار، علي اڪبر جمالي، غلام قادر چانڊيو، طارق مسعود آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي، خيرپور ۾ سيشن ڪورٽ روڊ تي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نفيسه شاهه، نعيم کرل، ساجد ٻانڀڻ، يار محمد ڦلپوٽو، سليمان ڪٽوهر، علي شير مڪول ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو، گھوٽڪي ۾ يوم تاسيس جي تقريب لُنڊ هائوس تي ٿي، جنهن ۾ محمد بخش مهر، بابر علي لنڊ ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، دادو ۾ يوم تاسيس جلسي کي  رفيق جمالي، عرفان لغاري، دوست علي جيسر، غلام شبير ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٽنڊوالهيار ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي ذوالفقار ستار بچاڻي، امداد پتافي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ طرفان مقامي شادي هال ۾ 55 ھين يوم تاسيس جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ شبير  بجاراڻي، گل محمد جکراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، قمبر ۾ پ پ جي  يوم تاسيس جي تقريب کي ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ ۽ ٻين خطاب ڪيو، جيڪب آباد ۾ پ پ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر اعجاز جکراڻي جي اڳواڻي ۾ ڊي سي چوڪ تي تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، عمرڪوٽ ۾ يوم تاسيس جو پروگرام ٿيو، جنھن ۾ سردار شاهه، تيمور ٽالپر، امير علي شاهه، نور علي شاهه، پونجو مل ڀيل، صوفي نواز سومرو ۽  ٻين خطاب ڪيو، مٺي ۾ پ پ جي 55 هين يوم تاسيس جي جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، ارباب امير امان الله، فقير شير محمد بلالاڻي، انجنيئر گيان چند، ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو،  دوست محمد راهمون، ويرجي ڪولهي، ڪنور ڪرني سنگھه ۽ ٻين خطاب ڪيو، بدين ۾ يوم تاسيس تقريب ۾ رمضان چانڊيو، اسماعيل راھو، مير غلام علي ٽالپر، رسول بخش چانڊيو، تنزيلا قمبراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٺٽي ۾ پ پ جي  55 هين يوم تاسيس جي تقريب ۾ صادق ميمڻ، رياض شاهه شيرازي، سسئي پليجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سجاول ۾ جلسي کي محمد علي ملڪاڻي، ريحانا لغاري، هير سوهو، ارباب وزير ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو، سيوھڻ ۾ آصف شاهه جي اڳواڻي ۾ جلسو ٿيو، جنهن کي گيانچند ايسراڻي، حنا دستگير ۽ ٻين خطاب ڪيو، ھالا ۾ ٿيل جلسي ۾ مخدوم جميل الزمان، مخدوم محبوب الزمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي، شاهپورچاڪر ۾ يوم تاسيس جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ عاجز ڌامراهه، علي حسن هنڱورجو، نويد ڏيرو، شاهد سلام ٿهيم، ڄام شبير علي، رخسانه شر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، اڳواڻن چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽي هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، هنن جو چوڻ هو ته عمران خان ذوالفقار علي ڀٽو ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته پ پ ۾ شھيدن جو خون آھي، جن ماڻھن کي پاڪستان جي سالميت پياري آھي اهي بلاول ڀٽو زرداري جا هٿ مضبوط ڪن، هوڏانهن پ پ شهيد ڀٽو پاران يوم تاسيس جون تقريبون ٿيون، حيدرآباد ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران 55ھين يوم تاسيس جون ڌار ڌار تقريبون منعقد ڪيون ويون، جتي ارشاد خاصخيلي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو ويو، قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان پارٽي جي يوم تاسيس جي سلسلي ۾ پريس ڪلب اڳيان تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، گهوڙا ٻاري ۾ پ پ شھيد ڀٽو طرفان عبدالمجيد سيال، چاندي خان بروھي، مقبول شاهه جي اڳواڻي ۾ يوم تاسيس جي تقريب ڪوٺائي وئي.