سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) خوراڪ کاتي سکر ريجن ۾ 117 جعلي ڀرتين جو انڪشاف، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي نيب رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، خوراڪ کاتي ۾ 84 خالي جاين تي 173 ڀرتيون ڪيون ويون، 113 ڄڻن کي درخواست ڏيڻ توڙي ٽيسٽ ڪليئر ڪرڻ بغير نوڪريون ڏنيون ويون، 4 ڄڻن کي جعلي ڊوميسائيل تي نوڪري سان نوازيو ويو. نيب رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد عدالت خوراڪ کاتي جي اختيارين کي ڀرتين متعلق رڪارڊ سميت 25 جنوري 2023ع تي طلب ڪري ورتو. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب نيب سکر سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ خوراڪ کاتي اندر ۾ قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ ڀرتين بابت عدالتي حڪم تي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. خوراڪ کاتي سکر، خيرپور، گهوٽڪي ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ سال 2012 ۾ خالي جاين تي ڏنل نوڪرين واري معاملي تي سعيد احمد سهتو، اسد الله ۽ ٻين اميدوارن پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ وڪيل نثار احمد ڀنڀرو معرفت درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. عدالت نيب کي ڀرتين بابت جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. نيب عملدار سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آڏو پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. درخواستگذارن جي وڪيل نثار احمد ڀنڀرو موجب نيب سال 2012 ۾ خوراڪ کاتي سکر ريجن ۾ ٿيل ڀرتين بابت رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته 84 خالي پيل آسامين تي 173 ڀرتيون ڪيون ويون، جن مان 113 اميدوار اهڙا آهن جن نه درخواست ڏني ۽ نه ٽيسٽ ۾ ويٺا، اِن باوجود کين نوڪريون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته 4 نوڪريون جعلي ڊوميسائيل تي پڻ ڏنيون ويون آهن، سپريم ڪورٽ جي وڪيل نثار ڀنڀرو موجب جعلي نوڪريون سياستدانن، آفيسرن جي ويجهن رشتيدارن، واسطيدارن ۽ منپسند ماڻھن کي ڏنيون ويون آهن، اهڙي طرح سان 117 نوڪرين کي نيب جعلي قرار ڏنو ويو آهي. عدالت نيب طرفان جمع ڪرايل رپورٽ کان پوءِ خوراڪ جي واسطيدار عملدارن کي 25 جنوري تي ڀرتين جي مڪمل رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي.