ميھڙ(ن پ ا) المدينه ڪوچ P0123 لاڙڪاڻي کان ڪراچي وڃي رھي ھئي ته ڪولاچي ڀرسان بھه سان ڀريل ٽرڪ کي ڪراس ڪندي ڪلٽي ٿي پئي. 50 کان وڌيڪ مسافر سوار ھئا جيڪي زخمي ٿي پيا پنج زخمين کي ميھڙ تعلقي اسپتال ۽ 30 کان وڌيڪ ڪي اين شاه اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ ڳيريلوواسي فراز ولد عبدالغني ٻرڙو ، نبيل زال قربان علي ٻرڙو، مسز بھادر ٻرڙو، مسز ذاڪر ٻرڙو شامل آھن تعلقه اسپتال ڪي اين شاهه ۾ سھولتون نه ھجڻ ڪري زخمين کي بيڊ به نه ڏنا ويا اسپتال ۾ عملو به نه پھچي سگھيو زخمي تڙپندا رھيا. 25 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو ، لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو.