حافظ آباد (م ڊ) حافظ آباد ۾ مشهور اسٽيج اداڪاره منزه ملتاني کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. اسٽيج جي مشهور اداڪارا منزه ملتاني جي ڪجهه سال اڳ حافظ آباد جي رهواسي زبير بٽ نالي شخص سان شادي ٿي هئي جيڪا وڌيڪ دير قائم نه رهي سگهي هئي ۽ ٻنهي وچ ۾ طلاق ٿي هئي. مقتولا جي ماءُ شاهده بي بي ڪيس داخل ڪرائيندي الزام لڳايو ته منزه پنهنجي ڌيءُ ايمان فاطما سان عيد ملڻ اڳوڻي مڙس زبير بٽ جي گهر آئي جتي کيس سندس اڳوڻي مڙس ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.