چڪ (ن پ ا) چڪ شهر ۾ عيد ڏهاڙي جتوئي جاگيراڻي تڪرار تان نوجوان قتل، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب عيد ڏهاڙي شهر جي سيٺار محلي ۾ جتوئي جاگيراڻي تڪرار تان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري موٽرسائيڪل تي چڪ کان کاهي طرف ويندڙ نوجوان الهڏنو پٽ عبدالرزاق جاگيراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.