مانجهند (رپورٽ: يعقوب ڪوريجو ) مانجهند ڀرسان سيوهڻ قلندر شهباز جي زيارت تي سکا کڻي ويندڙ ڪوسٽر ٽوڙهي ڦاٽڪ لڳ پل تان ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پيو، نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 6 ڄڻا فوت، 25 ڄڻا زخمي. خبر موجب مانجهند ڀرسان ٽوڙهي ڦاٽڪ انڊس هاءِ وي تي  ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ تيز رفتار ڪوسٽر پل ڀرسان کاهي ۾ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 6  زائرين  موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏھن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 25  کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ حيدرآباد جي ڳوٺ ڪرن خان شورو واسي 12 سالن جو  ببلو خاصخيلي پٽ مٺو خاصخيلي، 30 سالن جي  فريده ڌي نور محمد  خاصخيلي، 10 مهينن جو کير پياڪ ٻار ايان علي پٽ  دلبر خاصخيلي، 33 سالن جي عورت نويده زال رستم  خاصخيلي ، 5 سالن جو ٻارڙو شاهزيب  ولد شفيع محمد خاصخيلي، 35 سالن جو محمد هاشم  ولد محمد خاصخيلي  شامل آھن. زخمين ۾  ابراهيم خاصخيلي، سمرينه خاصخيلي، نجمه، هما، اقراء، شاده، شمائلا، عبدالله، رخسانه، فيضان، بابر، شاهدا، روزينه، عظمه، زبير، فريزا، سلما، طيبه، فزا، بختاور، نجمه ، ابراهيم خاصخيلي، الهڏنو، نورزادي، شھزادي، فياض خاصخيلي، مٽياري واسي بابر علي چانڊيو ۽ ٻيا شامل آھن. مانجهند پوليس ۽ موٽر وي پوليس اسپتال انتظاميا زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي تعلقه اسپتال مانجهند ۽ لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو. مانجهند اسپتال ۾ ھنگامي حالتن جو اعلان ڪندي عيد جي موڪلن تي ويل عملي کي طلب ڪري زخمين جو علاج ڪيو ويو. جڏھن ته 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن جا وارث تعلقه اسپتال مانجهند پهچڻ تي قيامت برپا ٿي ڪيتريون ئي عورتون زارو قطار روئي بي هوش ٿي ويون.