ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ_ فريدآباد روڊ تي مبينه  پوليس مقابلي ۾ جوابدار محمد نواز شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي. پوليس مقابلي ۾ زخمي جوابدار وٽان هڪ عدد پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي زخمي شڪارپور ضلعي جي لکي غلام شاه جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي ايس ايس پي دادو عرفان سمون موجب چار جوابدار ڏوھ جي ارادي سان بيٺا ھئا جوابدار پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ھڪ ڏوھاري محمد نواز شر زخمي ٿي پيو جڏهن ته 3 جوابدار فرار ٿي ويا آھن جوابدار محمد نواز شر ٻه ڏينھن اڳ جوھي ٿاڻي جي حد پوليس مقابلي ۾ پڻ ملوث ھيو زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جوابدار جو دادو ضلع سميت ٻين ضلعن مان ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ واقعي جو ميهڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.