پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ ويجهو ڳوٺ ميگو خان خروس ۾ گهر تي پوليس چڙهائي، فائرنگ ۾ 2 عورتون زخمي،  هڪ ڇيلو مري ويو. ڳوٺاڻن محمد نواز، شاهنواز خروس، عظيمان خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جو ايس ايچ او نثار احمد مھر پريالوءِ، پيرجوڳوٺ ۽ اسپيشل پوليس ساڻ ڪري گهرن تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي. گوليون لڳڻ سبب مسمات جانل ۽ ممتاز خاتون  زخمي ٿي پيون. پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ ڇيلو مري ويو. هنن جو چوڻ هو ته زخمي عورتن کي پوليس علاج لاءِ ليٽر ڏيڻ بدران ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس مخالفن جي چرچ تي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپورکان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.