ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڪاسبو ۾5 ٻارڙن جي ماءُ عورت 35 ورهين جي جهيڻي زال خوشحال  ميگهواڙ گهر اندر لانڊي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع  تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،  ٻي طرف ناري جي ڀاءُ امولک ۽ سريش ميگهواڙ ٻڌايو ته اسان جي ڀيڻ بااثر جي ڌمڪين مان  دلبرداشته ٿي آپگهات ڪيو آهي .هوڏانهن پوليس موجب ته جاچ ڪري رهيا آهيون .