لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي جي ٻڌڻي ٿي گذري، جتي  ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ پيش ٿي، واقعي ۾ نامزد جوابدار پيپلز پارٽي جو ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءٌ ايم پي اي برهان خان چانڊيو پيش نه ٿيا، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو جي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ريماڪس ڏيندي جوابدار ڌر جي وڪيل مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته بار بار چوڻ جي باوجود به سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو کي عدالت ۾ پيش ڇو نه ٿا ٿين، جيڪڏهن هو ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش نه ٿيا ته سندن جي غيرموجودگي ۾ ڪيس هلايو ويندو، جنهن کان پوءِ عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي 4 آگسٽ تي رکي وئي آهي. ان موقعي تي ام رباب چانڊيو عدالت ٻاهران ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو  4 مهينا اڳ لاڙڪاڻو هائيڪورٽ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر ورتو، جنهن کان پوءِ هو گم ٿي ويا آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر به جوابدارن کي باربار پيش ٿيڻ لاءِ حڪم ڏنو هيو، جتي هو پيش نه ٿيا ۽ عدالت  سندن جي غيرموجودگي ۾ آرڊر پاس ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ته مونکي يقين آهي ته اسان کي عدالتن مان انصاف ضرور ملندو. هن چيو ته دادو ضلعي ۾ خاص ڪري ميهڙ سٽي اندر بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، ڦرون، ڌاڙا ۽ چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، جن وارڌاتن ۾ اسان جا نوجوان زخمي ٿي پون ٿا ۽ اسان کي نوجوانن جا لاش ملن ٿا، اهڙي واقعن خلاف ميهڙ شهر جي نوجوان پاران ڪجھ ڏينهن اڳ احتجاج ڪيو ته انهن مٿان اي ٽي سي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جيڪا ڳالھ وقت جي حڪمرانن کي پسند نه آهي، جنهن ڪري انهن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجو قبلو درست ڪري اسان سنڌي نڌڻڪا نه آهيون، اسان سنڌ جا حقيقي وارث آهيون، سنڌ جا حڪمران پنهنجي ڌرتي سان سچا نه آهن، جڏهن به پ پ کي ووٽ وٺڻو هوندو آهي ته هو سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندا آهن، جنهن کان پوءِ هو سنڌي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندا آهن.