ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ عظيم بوھڙ ۾ ڪارنھن تڪرار تان سومر ڏينهن  قتل ٿي ويل نوجوان نثار احمد بوھڙ جي وارثن ڪالهه ايس ايس پي آفيس آڏو لاش رکي ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن محمد علي، فاروق احمد، مائي شھزادي ۽ مائي مھرياڻي دانهيندي چيو ته ڪوش برادري جي هٿياربندن علي بخش، جان محمد ۽ بيربل نوجوان کي قتل ڪيو آھي. مظاھرين جو چوڻ ھو ته ڪارنھن جو جرڳو ٿيڻ ۽ 8 لک رپيا ڏنڊ ادائيگيءَ باوجود ڪوش برادريءَ جي 6 ھٿياربندن حملو ڪري گوليون ھڻي نوجوان نثار بوھڙ کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏھن ته پوليس ھن مھل تائين نه ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ نه وري جوابدار گرفتار ڪيا آھن. بعد ۾ ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو مظاهرين وٽ پھچي قاتلن کي گرفتار ڪرائڻ جص خاطري ڏياري احتجاج ختم ڪرايو.