ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ چارو جو رھواسي 25 ورھين جو نوجوان صدام حسين ٻگھيو ڪراچي جي علائقي  غازي ڳوٺ جمالي پل وٽ 12 منزل جي عمارت تي شٽرنگ جو ڪم ڪرڻ دوران پير ترڪڻ سبب عمارت تان ڪري فوت ٿي ويو،  جنھن جو لاش ميھڙ ڀرسان اباڻي ڳوٺ آندو ويو، فوتي نوجوان جي پي بھادر ٻگھيو چيو ته منھنجو پٽ صدام ٻگهيو  ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو ھو، صدام ٻگهيو  مزدوري دوران 12 ماڙ پلازه تان  پير ترڪڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو آھي.