ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ڳوٺ وزير پالاري ۾ ٽيوب ويل تان پاڻي ڀرڻ لاءِ ويندڙ 12 سالن جي نينگري پوشيدي ڌيء چنيسر پالاري  سان 4 جوابدارن پاران مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي، متاثر نينگري  جي ڀاءُ  شاھنواز ٿاڻي تي پهچي 4 جوابدارن مبارڪ  پالاري ، عجب، ،جمن ۽  دوسو پالاري خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ٻي طرف جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف نينگري جي وارثن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين دانهيندي چيو ته اسان جي نينگري سان 4 جوابدارن زيادتي جي ڪوشش ڪئي آهي پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، هوڏانهن  ڊي ايس پي نوري آباد واقعي جو نوٽيس ورتو جنهن بعد  ٿاڻوبولاخان ٿاڻي تي 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته  ھڪ  جوابدار مبارڪ پالاري کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي.