سجاول (رپورٽر) سجاول جي سماجي اڳواڻ ۽ استاد نثار ميمڻ خلاف گرلز ڪاليج جي پرنسپال نصرت سومرو جي  فرياد تي سجاول پوليس اسٽيشن تي ڌمڪين ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ گرلز ڊگري ڪاليج جي پرنسپال نصرت جهان سومرو نثار احمد ميمڻ خلاف سجاول پوليس اسٽيشن تي ڪاليج ۾ اچي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ جهيڙو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڪاليج جي پرنسپال ڄاڻايو آهي تہ نثار ميمڻ ڪاليج ۾ آيو ۽ مونکان امتحاني فارم گهريا، جيڪي مون کيس نہ ڏنا تہ هو مونتي ڏمرجي پيو ۽ جهيڙو ڪندي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي روانون ٿي ويو، ٻئي طرف نثار احمد ميمڻ جو چوڻ آهي ته سجاول ۾ ڪجهہ ڏينهن اڳ ٻہ قتل جا واقعا ٿيا هئا، جنهن تي اسان پوليس جي نااهلي  ۽ قاتلن جي گرفتاري نہ ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو هو، پوليس اهو انتقام وٺڻ لاء منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.