لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال ۽ پيرا  ميڊيڪل جي ٽيڪنيڪل ڪورسن جي لکت ٽيسٽ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙ 3 هزار کان وڌيڪ اميدوارن شرڪت ڪئي. ٽيسٽ دوران چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر عبدالستار، گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال الله بخش سومرو سميت صحت کاتي جي عملدارن ٽيسٽ جي نگراني ڪئي جتي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي اميدوارن جي جڙتي وٺي کين سينٽر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. ان موقعي تي چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر عبدالستار ٻڌايو ته اميدوارن کان اوٽي ٽيڪنيشن ايڪسري ٽيڪنيشن ڊسپينسر فزيوٿراپي سميت ٻين ڪورسن جي ٽيسٽ ورتي وئي. 3 هزار کان وڌيڪ اميدوارن ٽيسٽ ڏني. هن چيو ته لکت ٽيسٽ بعد ڪامياب اميدوارن کي انٽرويو لاءِ گهرايو ويندو جنهن کان پوءِ ميرٽ جي بنياد تي اميدوارن جي چونڊ ڪئي ويندي.