ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ جي گلشن مدينه ڪالوني مان ھڪ مھينو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ناري ريحانا سولنگي ۽ سندس نياڻي شهناز سولنگي بازياب نه ٿي سگھيون، ان ڏس ۾   ريحانا سولنگي  جي مڙس اسدالله سولنگي نيشنل پريس ڪلب ميهڙ پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته منهنجي زال ٿيٻا روڊ تي منهنجي نياڻي سان گڏ ووڪيشنل سينٽر تي سکيا لاء ويل هئي، واپسي تي کيس اغوا ڪيو ويو آھي، ھن چيو ته مان بي سيڪشن ٿاڻي تي پنهنجي زال ۽ ڌيءُ جي اغوا جي اين سي نامعلوم ماڻھن مٿان داخل ڪرائي آھي پر پوليس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي ڌيءُ ۽ زال بازياب ڪرائي وڃي.