وڳڻ (ن پ ا ) وڳڻ ۾ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ مري چوڪ جي رھواسي پورھيت مراد قمبراڻي  سنڌحڪومت توڙي سرندي وارن کي اپيل ڪندي چيو ته گھر جو الهه تلهه وڪڻي پٽ شاھد  جو علاج ڪرايو آهي ، پر سندس طبيعت ۾ ڪابه بھتري نه اچي سگھي آھي، ھاڻي ته کائڻ لاءِ به پيسا ناھن ته پٽ جو بھتر علاج ڪيئن ڪرايان ڊاڪٽرن چيو آھي ته تنھنجي ٻچڙي جو ڪراچي جي نجي اسپتال مان آپريشن ٿيندو، ايترا پئسا ناهن جو پٽ جو علاج ڪرائي سگھان، وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته مالي مدد ڪري پٽ جو علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪن، جيئن منھنجي ٻچڙي جي زندگي بچي سگھي.